ليفٽيننٽ جنرل (ر) امجد شعيب جو جسماني رمانڊ منظور

اسلام آباد :جي عدالت ادارن کي بغاوت لاءِ ڀڙڪائڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيل ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ امجد شعيب کي 3 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.امجد شعيب کي جڊيشل مئجسٽريٽ عباس شاهه جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ رمنا ٿاڻي جو جاچ آفيسر، پراسيڪيوٽر ۽ امجد شعيب جي قانوني ٽيم به عدالت ۾ پيش ٿي.ٻڌڻي دوران پراسيڪيوٽر طرفان امجد شعيب جي ست ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي استدعا ڪئي وئي.عدالت ۾ پراسيڪيوٽر امجد شعيب خلاف ڪيس جو متن پڙهي ٻڌايو.امجد شعيب جي وڪيل چيو ته امجد شعيب رڳو مثبت تنقيد ڪئي آهي، سندس خلاف سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، سندس خلاف داخل ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪيو وڃي.عدالت امجد شعيب جي جسماني رمانڊ جي اپيل تي فيصلو محفوظ ڪيو جيڪو ڪجهه دير کانپوءِ ٻڌائيندي کيس ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.ياد رهي ته امجد شعيب خلاف رمنه ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرڻ بعد کيس گرفتار ڪيو ويو هو.ايف آءِ آر موجب هڪ ٽي وي شو دوران تجزيا نگار امجد شعيب سرڪاري ملازمن کي سندن فرض سرانجام نه ڏيڻ لاءِ ڀڙڪايو، هن چيو ته سڀاڻي کان ڪير به آفيسز ۾ نه ويندو ته حڪومت سوچڻ لاءِ مجبور ٿي ويندي.