اسلام آباد: ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد کي نيب چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف نيب چيئرمين جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن جو باضابطا نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.ذريعن موجب وزيراعظم ۽ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ اتفاق راءِ کانپوءِ نيب چيئرمين جي مقرري ڪئي وئي.ذريعن جو چوڻ آهي ته وفاقي ڪابينا نيب چيئرمين جي مقرري جي سمري جي سرڪوليشن ذريعي منظوري ڏني، ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد جي نيب چيئرمين طور مقرري 3 سالن لاءِ هوندي.ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ آفتاب سلطان نيب چيئرمين جي عهدي تان استعيفيٰ ڏني هئي.