مسلم ليگ(ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته نوازشريف جي مخالفت ۽ دشمني ۾ بلوچستان جي حڪومت به ڪيرائي وئي. اسان جي حڪومت ڪيرائي پاڪستان جي ترقي جو رستو روڪيو ويو احتساب عدالت طرفان طلب ڪرڻ تي شهباز شريف رمضان شوگرمل ريفرنس ۾ عدالت جي آڏو پيش ٿيو ۽ عدالت کي ٻڌايو ته مون کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو ۽ گندي نالي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو. مان ڪيس جي ميرٽ تي نه ڳالهائيندس، اهو منهنجو وڪيل ڪندو. اهو ڪيس ڪيترن ئي سالن کان هلي رهيو آهي هن ٻڌايو ته مون کي پهريون ڀيرو صاف پاڻي جي ڪيس ۾ گهرايو ويو جڏهن ته گرفتار آشيانه ڪيس ۾ ڪيو ويو آشيانه اقبال ۾ مون کي اوهان جي عدالت انصاف ڏنو ان کان پوءِ نيب مون کي گندي نالي ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو. مون کي چيو ويو ته اوهان پٽ جي شوگرمل ٻاهران گندو نالو تعمير ڪرايو آهي جڏهن ته اهو گندو نالو هڪ ايم پي اي تعمير ڪرايو هو شهباز شريف چيو ته منهنجي دور ۾ صاف پاڻي جا هزارين پروجيڪٽ لڳايا ويا، اها مل اسان جي وراثتي شوگرمل آهي اها مل مون پنهنجي پٽ کي لکي ڏئي ڇڏي آهي.هن چيو ته پنجاب ۾ منهنجي دور ۾ شوگرملز کي سبسڊي نه ڏني وئي، مون سال 2014-15 ۾ سنڌ کان قيمت وڌيڪ رکي. ان وقت منهنجي مٿان پريشر وڌو ويو پر مون هارين جو نقصان ٿيڻ نه ڏنو. مون چيو ته هي يتيم بيواهن جو پئسو آهي، شوگرملز مالڪن لاءِ سبسڊي نه ڏيندس، مون هارين کي سڌو سنئون فائدو پهچايو پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته پنهنجي حڪومت جي دور ۾ مون جيترا به پرڏيهي ملڪن جا دورا ڪيا پنهنجي کيسي جي خرچ مان ڪيا. اڄ مان ساڳئي عدالت ۾ حاضر ٿيو آهيان اڄ ئي نوازشريف اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿيندو. عدالتون اسان جي لاءِ احترام جوڳيون آهن عدالت ۾ پيشي کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته نوازشريف کان وٺي پوري شريف خاندان جيڪي تڪليفون برداشت ڪيون اهي رڪارڊ جو حصو آهن. نوازشريف جي سامهون مريم کي هٿڪڙيون لڳايون ويون، اسان جيلون ڪاٽيون، نوازشريف جلا وطني ڪاٽي هاڻ ملڪ واپس پهتو آهي. نوازشريف کي پاڻ کي قانون جي سامهون پيش ڪري ڇڏيو آهي شهباز شريف وڌيڪ چيو ته 9 مئي جي سهولتڪاري ملڪ دشمني آهي. 9 مئي تي هڪ سازش ڪئي وئي. 9 مئي تي فوج ۾ بغاوت جي ڊيڄاريندڙ سازش ڪئي وئي. فوج ۾ تختو اونڌو ڪرڻ جي سازش ڪئي وئي. غداري ته ڪابه جمهوري حڪومت به برداشت نه ڪندي آهي هڪ سوال جي جواب ۾ شهباز شريف چيو ته چونڊون وقت تي ٿيڻ گهرجن. قانون ۽ جمهوري گهرجون به اهي ئي آهن. ليول پلينگ فيلڊ اها آهي ته مان انصاف لاءِ لاهور جي عدالت ۾ پيش ٿيس، ليول پليئنگ فيلڊ اها آهي ته نوازشريف اسلام آباد جي عدالت ۾ پيش ٿي رهيو آهي. مسلم ليگ(ن) جي صدر چيو ته اسان پوري تياري سان چونڊ مهم ۾ داخل ٿي رهيا آهيون، نوازشريف چونڊ مهم دوران منشور پيش ڪندو.