صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ جي صدارت هيٺ ڪمشنر آفيس سکر ۾ ايندڙ جنرل اليڪشن 2024 جي انتظامن جي سلسلي ۾ سکر ڊويزن جي لاڲاپيل آفيسرن سان هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو. اجلاس ۾ ڪمشنر سکر ڊويزن سميع الدين صديقي, ريجنل اليڪشن ڪمشنر سکر وسيم احمد جعفري, ايڊيشنل ڪمشنر سکر, ضلعي اليڪشن آفيسر, ٽنهي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرن, ايس ايس پيز, انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس, ڊائريڪٽر اسڪول ۽ ڪليجز سميت ٻين مختلف لاڲاپيل آفيسرن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي صوبائي اليڪشن ڪمشنر اعجاز انور چوهاڻ چيو ته ملڪ اندر فري اينڊ فيئر اليڪشن ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي ذميواري آهي ان لا ڊويزن جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي پنهنجي پنهنجي ذميواري بخوبي ايمانداري سان نڀائڻي پوندي. هن چيو ته ملڪ اندڙ فري اينڊ فيئر اليڪشن منعقد ڪرائڻ هڪ وڏو چيلينج ضرور آهي جيڪڏهن هر ادارو پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري ته ڪجھ به نا ممڪن ناهي. هن چيو ته اليڪشن دوران سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا وڃن ان تي هاڻي کان ڪم شروع ڪيو وڃي جيڪي پولنگ حساس ۽ انتهائي حساس آهن ان جي سڪيورٽي بابت پلان جوڙيو وڃي ۽ فيميل اسٽاف جي موجودگي کي پڻ يقيني بڻايو وڃي فيميل اسٽاف جي گهٽتائي سبب ايل ايڇ ويز جون ڊيوٽيون لڲايون وڃن. هن چيو ته ڊپٽي ڪمشنر لاڲاپيل ضلعن اندر اڲواٽ سمورين پولنگ اسٽيشنز جو دورو ڪري بلڊنگز بابت رپورٽ جمع ڪرائن جيڪي بلڊنگز ڪمزور ۽ خطرناڪ آهن ان بابت ريجنل اليڪشن ڪمشنر سان لھ وچڙ ۾ اچي نئين حڪمت عملي جوڙي وڃي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر پولنگ اسٽيشن اندر پيئڻ جي صاف پاڻي, واش رومز, پولنگ اسٽيشن جي چوديواري, فرنيچر ,بجلي ۽ انفرااسٽرڪچر جي مسئلن کي فوري طور تي لاڲاپيل ڊي آر اوز کي حل ڪرڻ هدايتون ڏنيون ته جيئن اليڪشن واري ڏهاڙي عوام کي آساني ٿئي ان سلسلي ۾ اليڪشن دوران ڪنهن به قسم جي لاپرواهي قبول نه هوندي. هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن دوران هر پولنگ اهميت رکي ٿي سمورا اسٽيڪ هولڊر ڪوآرڊينيشن کي مضبوط ڪن جتي سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي ضرورت آهي ان تي ڪم شروع ڪيو وڃي. صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ اعجاز انور چوهاڻ چيو ته ڊي سيز وٽ هيومن رسورسز جي ڪمي نه آهي ۽ ڊويزن اندر پولنگ عملو پڻ موجود آهي عملي جي ٽريننگ دوران ڊي آر اوز سميت سمورا لاڲاپيل آفيسر وزٽ ڪن. هن چيو ته صحت کاتي جون جيڪڏهن بلڊنگز آهن ته انهن کي پولنگ لا رزو رکي هڪ رپورٽ ريجنل اليڪشن ڪمشنر کي ڏني وڃي. ان موقعي تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر سکر وسيم احمد جعفري بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سکر ڊويزن اندر قومي اسيمبلي جي 7 تڪن ۽ صوبائي اسيمبلي جون 14 تڪن لا ٽوٽل 3040256 رجسٽرڊ ووٽر آهن ان لا ڊويزن اندر ٽوٽل 2292 پولنگ اسٽيشنز ۽ 7927 پولنگ بوٿ تجويز ڪيا ويا آهن گذريل اليڪشن کي ڏسندي 545 پولنگ اسٽيشنز حساس ۽ 1074 پولنگ اسٽيشنز کي انتهائي حساس قرار ڏنو ويو آهي.