لکي مروت: پئسن جي ڏيتي ليتي تان ٻن ڌرين ۾ فائرنگ، 4 ڄڻا مارجي ويا

لکي مروت ۾ ٻن ڌرين ۾ ڏيتي ليتي جي معاملي تان فائرنگ جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن پوليس موجب ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جو واقعو لکي مروت جي علائقي لنڊيوا ۾ پيش آيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا آهن. پوليس موجب لکي مروت ۾ هڪ ميلي دوران ٻن ڌرين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا. فائرنگ سبب 3 ڄڻا زخمي به ٿيا آهن پوليس جو چوڻ آهي ته جهيڙو پئسن جي ڏيتي ليتي تان ٿيو آهي. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن. علائقي ۾ صورتحال ڇڪتاڻ واري آهي، جڏهن ته علائقي ۾ خوف حراس ڇانيل آهي.