مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 3 دهشتگرد مارجي ويا

مالاڪنڊ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران 3 دهشتگرد مارجي ويا. رپورٽ موجب مالاڪنڊ ۾ درگني جي علائقي مهردي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ ليويز گڏيل آپريشن ڪيو. جنهن دوران فتنه الخوارج جا 3 دهشتگرد مارجي ويا جڏهن ته 7 کي گرفتار ڪيو ويو پٽي ڪمشنر حامدالرحمان ٻڌايو ته آپريشن ۾ گن شپ هيليڪاپٽرن به حصو ورتو جڏهن ته دهشتگردن کان ڳري مقدار ۾ بارودي مواد به هٿ ڪيو ويو آهي انهي کان علاوه بنون ۾ دهشتگردن بڪاخيل ٿاڻي تي حملو ڪيو جنهن کي ڪي پي ڪي پوليس ناڪام بنائي ڇڏيو. رپورٽ موجب دهشتگردن هلڪي ۽ ڳري هٿيارن سان حملو ڪيو پوليس اهلڪارن بهادري سان جوابي ڪارروائي ڪئي جنهن کان پوءِ دهشتگرد فرار ٿي ويا.