مانسهره جي علائقي ڊهوڊيال ۾ تعمير هيٺ گهر جي کوهه مان 3 نوجوان ڀائرن جا لاش هٿ آيا آهن پوليس موجب بجنه جي رهواسي 3 سڳن ڀائرن جي لاشن کي صبح جو سوير 1122 ريسڪيو جي اهلڪارن کوهه مان ڪڍيو. ٽئي ڀائر پنهنجي گهر جي تعمير ۾ گڏجي ڪم ڪري رهيا هئا. گذريل ڏينهن گهر واپس نه اچڻ تي سندن ڳولا ڪئي وئي ته ٽنهي جا لاش کوهه مان مليا اختيارين موجب کوهه ۾ زهريلي گيس ڀرجڻ سبب ٽئي ڄڻا فوت ٿي ويا. لاش ڪڍڻ کان پوءِ سول اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڏني آهي. جنهن کان پوءِ لاشن کي وارثن جي حوالي ڪيو ويو.