ماڙي جلباڻي ۾ شهيد ٿيل 4 ڳوٺاڻن جو چاليهو ٿي گذريو، ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي: زين شاهه

ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ پوليس ۽ رينجرس ھٿان شھيد ٿيندڙ چئن ڳوٺاڻن نظام دين۔ امام بخش۔ ميھارجلباڻي ۽ سجاول جلباڻي جي چاليھي جي موقعي تي ايس يو پي جي مرڪزي صدر سيد زين شاھ، شھيدن جي وارثن ۽ شھيدن جي معصوم ٻارڙن سميت ٻين پاران شھيدن جي آخري آرام گاھ تي گلن جون چادرون چاڙھي دعا گھري وئي شھيدن جي چاليھي جي موقعي تي قرآن خواني ڪرائي ايثال ثواب لاء خيرات پڻ ڪئي وئي ان موقعي تي ايس يو پي جي سيد زين شاھ چيو ته شھيد ڳوٺاڻا بيگناھ ھيا ۽ ھي وڏو ڏکائيندڙواقعو ھيو ۽ان واقعي تي سموري سنڌ ڏکاري ھئي ان واقعي ۾ رياست انوال ھئي پر نگران حڪومت پھنجي غلطي تسليم ڪري شھيدن جي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ شھيدن جي وارثن جي مالي مدد ڪئي ادارن کي گھرجي جيڪي به سندن اھلڪار واقعي ۾ ملوث آھن انھن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻين جئين اڳتي اھڙا واقعا نه ٿين.