مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني عروج تي، نامعلوم چور پورهيت جون ٻه ڳئون چوري ڪري فرار، پوليس بي وس

مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني چوٽ چڙهي وئي، پوليس ناڪام

ٺڪراٺو (رپورٽ) مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني انتها تي پهچي وئي آهي. علائقي ۾ چورن تر تپائي ڇڏيو آهي، جڏهن ته مبارڪپور پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي رهي آهي.

گذريل رات مبارڪپور ٿاڻي جي حد ڳوٺ اڪڙي پٽ مان نامعلوم چور پورهيت ڀلو مهتم جون ٻه ڀلوڙ ڳئون چوري ڪري فرار ٿي ويا. متاثر ڳوٺاڻي ڀلو مهتم ٻڌايو ته صبح جو چوپايو مال سنڀالڻ وقت محسوس ٿيو ته ڳئون غائب آهن. ڳوٺاڻن چورن جا پيرا به ڏٺا ۽ پوليس کي فوري اطلاع ڏنو، پر پوليس اڃا تائين واقعي واري هنڌ نه پهتي آهي.

متاثر ڳوٺاڻو ڀلو مهتم جو چوڻ آهي ته مبارڪپور ٿاڻي جي حد ۾ بدامني مسلسل وڌي رهي آهي، ۽ پوليس ڏوهن جي روڪٿام لاءِ ڪي به قدم نه ٿي کڻي. ڳوٺاڻن پنھنجي مدد پاڻ تحت ڳولا جاري رکي آهي.

متاثر پورهيت ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو آهي ته چوري ٿيل ڳئون واپس ڪرائي وڃي ۽ ڏوهارين خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.