محبت ائين ڪبي آ…! مُلڪ ٻوڏ ۾ ٻڏل، فلپائني جوڙي چيلهه تائين بيٺل پاڻي ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو

منيلا: شادي جو ڏينهن هر جوڙي لاءِ انتهائي خاص هوندو آهي ۽ هو ان موقعي کي يادگار بڻائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪندا آهن، پر فلپائن ۾ هڪ جوڙي ٻوڏ جي پاڻي ۾ بيهي شادي جون رسمون مڪمل ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي علائقي هاگونوئي جي سينٽ جان دي بيپٽسٽ چرچ ۾ هي انوکي شادي انجام آئي، جتي تيز برساتن کانپوءِ چرچ ٻوڏ جي پا��ي ۾ مڪمل طرح ٻڏي ويو هو.

ليان لائزا گالانگ نالي ڪنوار چيلهه تائين بيٺل ٻوڏ جي پاڻي مان لنگهندي پنهنجي عروسي لباس ۾ چرچ پهتي. هن پنهنجي هٿ ۾ اڇن گلن جو گلدستو کنيو هو ۽ چوڌاري موجود ٻوڏ جي خطرناڪ پاڻي جي ڪا به پرواهه نه ڪئي. شادي جي تقريب کي معمول موجب ڏيکارڻ ۽ خوبصورت بڻائڻ لاءِ چرچ کي پلاسٽڪ جي گلن سان پڻ سينگاريو ويو هو، جتي ليان لائزا ۽ سندس گهوٽ گلبرٽ چيڪو جون شادي جون سڀ رسمون هڪ مقامي پادري مڪمل ڪرايون.

فوٽوگرافر ميڪو رَي الفانسو موجب، پادري جوڙي کي ٻوڏ جو پاڻي وڌيڪ وڌڻ سبب شادي ملتوي ڪرڻ جوشور به ڏنو هو، پر جوڙو پنهنجي ارادي تي قائم رهيو ۽ شادي ڪرڻ لاءِ هر حال ۾ تيار هو. هفتن تائين جاري رهندڙ تيز برساتن سبب چرچ لڳ ڀڳ هڪ مهيني کان عارضي طور ٻوڏ جي گهيري ۾ هو، پر سڀني مشڪلاتن جي باوجود جوڙي پنهنجي محبت جو ثبوت ڏيندي هي تاريخي قدم کنيو.