محرابپور: ۾ مختلف سياسي سماجي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي پاران فاطمہ فرڙو کي انصاف ڏيارڻ لاءِ احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ سنڌ هاري ڪميٽي اڳواڻ ڪامريڊ ولايت حسين نوناري، استاد اڪبر خواجه، اسماعيل نوناري، عظيم نوناري، مجاہد سامٽيو، عابد بگا چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي انهن جو چوڻ هو ته وحشي پير اسد شاهه ظلم جا سڀ ليڪا لتاڙي ڇڏيا آهن پوسٽ مارٽم رپورٽ ڇرڪائيندڙ آهي ڪيس واضح ٿي چڪو آهي پر پوليس ۽ سسٽم حسب روايت قاتلن کي بچائڻ جي ڪوشش ۾آهي جاچ اثر انداز ٿيڻ جو خدشو وڌي ويو تنهن ڪري جي آئي ٽي ٺاهي عدالتي سطح تي هن ڪيس جي جاچ ڪئي وڃي