محرابپور: ۾ ٽائون انتظاميا شهرين لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي ڪروڙين جي بجٽ هجڻ باوجود شهر گندگي جي ور چڙهيل آهي؛ صرف من پسند ماڻهن جي علائقن ۾ صفائي عملو ڪم ڪري رهيو آهي بقايا ملازم ڀوتارن جي بنگلن تي ڊيوٽيون سر انجام ڏئي رهيا آهن، باقي جيڪي ملازم ڏينهن رات هڪ ڪري ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن ۽ جن پنهجي سموري زندگي ٽائون ڪاميٽي کي ڏني ريٽائرڊ ٿي ويا انهن سيئنر شهرين جي وڌيل پگهارون نٿيون ڏنيون وڃن جيڪي پنهنجا ماڻهو آهن ڊيوٽي به نٿا ڪن پر پگهار سموري وڌيل سميت کڻي رهيا آهن؛ هي ظلم جي بازار گهڻي عرصي کان هلي رهي آهي سابق چيئرمين فاروق لوڌي ۽ موجوده چيئرمين برابر جا ڀانڱيوار آهن ٻيو ته ٺهيو پر پر ٽائون ڪاميٽي جي ڪروڙين جون ملڪيتون ڀڳڙن جي مٺ تي کپايون ويون آهن تازوئي ڊسپوزل جا دوڪان ان جو مثال آهي ڪنهن کي ڏجي دانهن ظالمن کي ڪير روڪيندو انصاف جي اپيل.