محراب پور : ھالاڻي روڊ تي جاني بنگلوز ۾ سيد نياز حسين شاھ جي گهر ۾ 2 هٿياربند ڏينهن ڏٺي جو داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جو ڌاڙوهڻي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پاڙي وارن ڏوهارين جو پيڇو ڪيو ۽ 2 جوابدارن جي سڃاڻپ راشد نوناري ۽ احسان مغل طور ڪئي، جن مان پوليس احسان مغل کي موقعي تي ئي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ٻيو ڏوھاري راشد نوناري اڄ خيرپور پوليس گرفتار ڪري محرابپور جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو ـ