محمود اچڪزئي وزيراعظم کي قومي حڪومت جي قيام لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي

 اپوزيشن اتحاد تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي قومي حڪومت جي قيام لاءِ وزيراعظم شهباز شريف کي ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي. اسلام آٻاد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته قومي حڪومت ٺاهڻ جي معاملي کان سواءِ هن حڪومت سان ڳالهيون نٿيون ٿي سگهن، اسان کي هن وقت هڪ ٻئي کي گاريون ڏيڻ لاءِ نه، پر گڏ ٿيڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان جي ڳالهين کي اهميت نه ڏني وئي، هاڻ هي حڪومت آئين کي ٽوڙي مروڙي رهي آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جانبداري سان ڪم ورتو. سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف کان چونڊ نشان ڦريو، هي حڪومت بندوق جي زور تي ٺاهي وئي آهي. محمود اچڪزئي چيو ته شهباز شريف منهنجو دوست آهي جيڪو منهنجي سخت ڳالهين تي ناراض ٿي ويندو آهي، ماڻهن کي پئسن ۽ بندوق جي زور تي قابو ڪري  هي حڪومت  ٺاهي وئي. هن وڌيڪ چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر به ڌر بڻيل آهي، پارليامينٽ جي اندر کان ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، اسپيڪر چوي ٿو ته جاسوس ادارن کي هر ڪنهن جي ڪال ٽريس ڪرڻ جو حق حاصل آهي، موجوده حالتن ۾ چپ ويهڻ وڏي  ڪوتاهي آهي.