مخدوم جميل سنڌ ۾ ڏوهن جي خاتمي لاءِ آرمي چيف کي قدم کڻڻ جي اپيل ڪري ڇڏي

مٽياري: پاڪستان پيپلز پارٽي جي قومي اسيمبلي جي ميمبر مخدوم جميل الزمان سنڌ ۾ ڏوهن ۽ وڌندڙ بدامني جي خاتمي لاءِ آرمي چيف جنرل عاصم منير کي قدم کڻڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي مٽياري ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي مخدوم جميل الزمان چيو ته سنڌ اندر ڏوهن ۾ رڪارڊ واڌ ٿي رهي آهي. اتان جا رهواسي به غير محفوظ بڻيل آهن، ڏينهن ڏٺي جو هٿياربند ماڻهن کي اغوا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڦرن جون وارداتون به تيزي سان وڌي رهيون آهن هن وقت سنڌ ۾ ڏوهارين جي خاتمي لاءِ فوج کي قدم کڻڻا پوندا تڏهن وڏي سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿيندي هن چيو ته مان آرمي چيف کي گذارش ڪريان ٿو ته فوري طور تي قدم کڻي سنڌ کي ڏوهارين کان پاڪ ڪري ۽ سنڌ جو اڳ وارو امن امان موٽائي ڏنو وڃي. آخر اسان ڪيستائين احتجاج ڪنداسين ۽ تحريڪون هلائينداسين؟ هن وقت اهڙي صورتحال ۾ سڀني کي هڪ ٽيبل تي ويهڻ گهرجي هن چيو ته شهباز شريف موجوده حڪومت جو انچارج آهي ۽ هو وڏي سوچ رکندڙ ماڻهو آهي، وزيراعظم شهباز شريف آصف زرداري سان مشاورت ڪندو ته حڪومت پنج سال به پورا ڪندي ۽ جهيڙا به نه ٿيندا پ پ اڳواڻ مخدوم جميل الزمان وڌيڪ چيو ته رب پاڪ منهنجي ۽ ٻين ماڻهن جون دعائون يقينن قبول ڪندو. هن چيو ته مون کي لڳي رهيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جلد جيل کان ٻاهر ايندو