مخصوص سيٽن تي ميمبرن جي حلف برداري کان سواءِ ئي پختونخواهه اسيمبلي جو اجلاس ملتوي

صوبائي اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي حلف برداري جي لاءِ اڄ ٿيندڙ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جو 2 ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت جي دير سان شروع ٿيڻ جي ڪجهه ئي دير بعد ملتوي ڪيو ويو اسپيڪر بابر سليم سواتي جي صدارت هيٺ جيئن ئي اجلاس شروع ٿيو ته اپوزيشن ميمبرن طرفان گوڙ ڪيو ويو جڏهن ته عورت اسيمبلي ميمبرن طرفان به احتجاج ڪيو ويو. انهي موقعي تي ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ ڊاڪٽر عبادالله جو چوڻ هو ته ائين ڪيستائين هلندو. هڪ سال کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي پر ميمبرن کان حلف نه پيو ورتو وڃي. جيڪڏهن اسيپيڪر حلف نه وٺندو ته چيف جسٽس پشاور هاءِ ڪورٽ وٽ وٺي وڃي جيڪي ميمبرن کان حلف وٺندو جلاس شروع ٿيندي ئي پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبر شير علي آفريدي طرفان ايوان ۾ ڪورم جي نشاندهي ڪئي وئي جنهن تي اسيمبلي ميمبرن کي ايوان ۾ اچڻ جي لاءِ گهنٽيون وڄائڻ شروع ڪيون ويون. گهنٽيون وڄڻ جي باوجود حڪومتي ميمبر ايوان ۾ نه پهتا. جنهن تي اسپيڪر ڪي پي ڪي اسيمبلي اجلاس ڇڏي هليو ويو ۽ اسيمبلي جو اجلاس 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪيو ويو هوڏانهن صحافين سان ڳالهيون ڪندي ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي چيو ته جڏهن اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو ته حلف برداري جي ڪارروائي به ٿيندي، ايوان جي اندر ويندو تڏهن ئي ڪورم جي خبر پوندي. حلف برداري ٿيڻ بابت سوال تي اسپيڪر کلندي جواب ڏنو ڪڏهن نه ڪڏهن ته ٿيندي ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور پارلياماني پارٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو هو. پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اجلاس جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪيو ويو.