مخصوص سيٽن جي ورهاست: اي اين پي اليڪشن ڪميشن جي طريقيڪار کي چيلينج ڪري ڇڏيو

 اي اين پي مخصوص سيٽن جي ورهاست بابت اليڪشن ڪميشن جي طريقيڪار کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي. عوامي نيشنل پارٽي پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل درخواست ۾ اليڪشن ڪميشن ۽  خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اسپيڪر کي ڌر بنايو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن جي ورهاست صحيح طريقي سان ناهي ڪئي، جنرل اليڪشن ۾ هڪ سيٽ ملڻ تي هڪ مخصوص سيٽ ڏني وئي. درخواست ۾ عدالت کان استدعا ڪئي وئي ته عوامي نيشنل پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ۾ 2 سيٽون آهن مخصوص به 2 ملڻ گهرجن. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اي اين پي کي عورتن جي هڪ مخصوص سيٽ ڏني وئي آهي. باجوڙ ضمني چونڊن ۾ اي اين پي کي ٻئي سيٽ ملي وئي آهي.