خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر مخصوص سيٽن تي چونڊيل ميمبرن جي گورنر هائوس ۾ حلف برداري کي چيلينج ڪري ڇڏيو آهي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور ۽ ڪي پي ڪي اسيمبلي جي اسپيڪر بابر سليم سواتي طرفان پشاور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ وفاق، رجسٽرار پشاور هاءِ ڪورٽ، ڪي پي ڪي جي گورنر، اليڪشن ڪميشن ۽ ٻين کي ڌر بنايو ويو آهي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته اسيمبلي اجلاس شروع ٿيو ته ڪورم جي نشاندهي تي اسپيڪر اجلاس ملتوي ڪيو، اسپيڪر صوبائي اسيمبلي ميمبرن کان حلف وٺڻ کان انڪار نه ڪيو درخواست ۾ چيو ويو آهي ته اسپيڪر اجلاس 24 جولاءِ تائين ملتوي ڪيو. گورنر هائوس ۾ ميمبرن کان حلف وٺڻ مٿانهون آئين آهي، آئين جو آرٽيڪل 65 اسيمبلي ميمبرن کان حلف اسيمبلي هائوس ۾ وٺڻ جو چئي ٿو درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو ته چيف جسٽس وٽ آرٽيڪل 255(2) جي تحت اختيار آهن، انتظامي طور تي اهو انهي کي نٿو ڏسي سگهي، چيف جسٽس گورنر کي حلف لاءِ نامزد ڪيو پر اسان کي ٻڌڻ جو موقعو نه ڏنو يادرهي ته آچر تي خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي مخصوص سيٽن تي ڪامياب 25 ميمبرن عدالتي حڪم تي حلف کنيو هو جنهن جي تقريب ڪي پي ڪي جي گورنرهائوس ۾ ٿي هئي.