مدئجي مان 45 ڏينهن اڳ اغوا ٿي ويل مغوي جي ڌاڙيلن وڊيو وائرل ڪري ڇڏي

 مدئجي ڀرسان بهمڻ ٻيلي مان اغوا ٿي ويل ٻيلي کاتي جو ملازم ولي محمد گهانگهرو ڏيڍ مهينو گذرڻ باوجود بازياب نه ٿي سگهيو آھي، ڌاڙيلن پاران مغوي جي وڊيو جاري ڪئي وئي آھي. ڌاڙيلن پاران جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ مغوي ولي محمد گهانگهرو ٻيلي کاتي جي آفيسرن توڙي وارثن کي بازيابي لاءِ ڀنگ ڀرڻ لاءِ منٿون ڪري رهيو آهي. وڊيو ۾ مغوي چئي رهيو آھي ته مان شگر جو مريض آهيان ڏاڍي تڪليف آهي خدا جي واسطي ڀونگ ڀري مون کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪرايو.