مدئجي: ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، جوابدار گوليون هڻي نوجوان ۽ ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو

مديئجي ڀرسان امروٽ ٿاڻي جي حد ڳوٺ شھمير جوڻيجو ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار گوليون هڻي نوجوان ساجد جوڻيجو کي موقعي تي قتل ڪري ڇڏيو،جوابدار جي فائرنگ سبب عورت مومل زال قمرالدين جوڻيجو زخمي ٿي پئي جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. اهڙي اطلاع ملڻ بعد امروٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مارجي ويل نوجوان جو لاش تحويل ۾ وٺي مدئجي اسپتال پهچايو ،جڏهن ته زخمي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کيس علاج لاء شڪارپور اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي وئي. ،مارجي ويل نوجوان جي ماء ۽ ڀيڻ  ٻڌايو ته اسان جو نوجوان صبح سوير مسجد ۾ آذان ڏيڻ ويو ته جوابدار سليم جوڻيجو کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي،جنهن بعد جوابدار پنھنجي ڀيڻ مومل جوڻيجو کي به گولي ھڻي قتل ڪري ڇڏيو آھي،رابطو ڪرڻ تي ايس اڀڇ او  امروٽ  ٻڌايو ته جوابدار سليم جوڻيجو ڪارنھن الزام هيٺ نوجوان ساجد جوڻيجو ۽ پنهنجي ڀيڻ کي گوليون ھڻي قتل ڪيو آھي، پوليس ڪارروائي دوران جوابدار سليم پٽ خادم جوڻيجو کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڊي آء جي لاڙڪاڻو واقعي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي.