مدئجي ۾ ڪلهوڙا ۽ جوڻيجا تڪرار تان مارجي ويل 8 ڄڻن جي جنازي نماز ادا، اباڻن قبرستان ۾ تدفين

مدئجي جي ڪچي واري علائقي جهٻر شيخ ٿاڻي جي حد ۾ ڪلهوڙا، جوڻيجا تڪرار تان مارجي ويل 8 ڄڻن جي جنازي نماز ادا ڪرڻ کان پوءِ سندن اباڻن قبرستان ۾ تدفين ڪئي وئي پراڻي تڪرار تان مارجي ويل ڪلهوڙا ڌر جي جانو عرف جان محمد ڪلهوڙو، رمضان ڪلهوڙو، وحيد ڪلهوڙو، نظير، لياقت، برڪت ڪلهوڙو، احمد علي ڪلهوڙو جي جنازي نماز ڳوٺ رمضان ڪلهوڙو ۾ ادا ڪئي وئي جڏهن ته عبدالمجيد جوڻيجو جي جنازي نماز ڳوٺ جمالپور ۾ ادا ڪئي وئي ٻنهي ڌرين جي جنازه نماز ۾ سوين برادري جي ماڻھن شرڪت ڪئي. جنازي نماز ۾ هر اک آلي نظر آئي. هڪ ئي وقت 8 ڄڻن جا لاش کڄڻ تي ماحول سوڳوار بڻجي ويو. ياد رهي ته ڪالهه مدئجي ۾ جوڻيجا ۽ ڪلهوڙا تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين طرفان ڇتي فائرنگ سبب 8 ڄڻا مارجي ويا هئا.