مريم اورنگزيب پارٽي کي وڏو نقصان پهچايو آهي، تفصيل جلد سامهون آڻيندس: دانيال عزيز

(ن) ليگ جي اڳواڻ دانيال عزيز احسن اقبال کان پوءِ مريم نواز کي به سخت تنقيد جو نشانو بنايو آهي پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ دانيال عزيز چيو ته مريم اورنگزيب پارٽي کي جيڪو نقصان ڏنو ان جا جلد تفصيل سامهون آڻينداسين. اسان جي ڪابه انفارميشن ڪمپين ۽ حڪمت عملي نه هئي هن وڌيڪ چيو ته احسن اقبال پرائيٽس ڪنٽرول ڪميٽي جو چيئرمين هو. مهانگائي جي اصل ذميوار پي ٽي آءِ هئي ته احسن اقبال جاچ ڇو نه ڪرائي. احسن اقبال نيشنل پرائيس ڪنٽرول جو ايترو وڏو ادارو سنڀاليو پر ان جي کيس ڪابه خبر نه هئي دانيال عزيز چيو ته هي جيڪي بهترين ڪارڪردگي وارا آهن اهي سڀ پارٽي ۾ بنا مقابلي چونڊجي ويندا آهن. احسن اقبال جو پٽ ضلعي جو چيئرمين به بنا مقابلي چونڊجو هو. مون پارٽي ٽڪيٽ لاءِ ڪابه سفاش نه ڪرائي. چاهيان ٿو ته پارٽي جيڪي غلطيون ڪيون آهن اهي ٻيهر نه ٿين.