اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته مريم نواز منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي، ان سان نه اختلاف آهي نه ئي وري ناراضگي، پارٽي طرفان جيڪا سوچ رکي وئي آهي ان سان اتفاق راءِ نٿو رکان آمريڪي خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ شاهد خاقان عباسي چيو ته چونڊن ۾ حصو نه وٺندس، چونڊن کان پوءِ امڪاني خرابي جو حصو نٿو بنجڻ چاهيان. چونڊون فيئر ٿيون ۽ آڱر نه کڄي ته معاملا اڳيان وڌي سگهن ٿا. اڳيان جو رستو طئي نه ڪيو ويو ته حڪومت هلائڻ مشڪل هوندي سڀني کي گڏجي فيصلو ڪرڻ گهرجي ته ملڪ ۾ ڪهڙي تبديلي آڻڻ گهرجي هن چيو ته جيڪڏهن پهريان اهو تاثر پيدا ٿيو ته ڪير فيوريٽ آهي ان سان چونڊن ۾ وسوسا پيدا ٿيندا آهن جيڪڏهن اسان فيوريٽ جي ڳالهه ڪريون ٿا ته مطلب چونڊون شفاف نه ٿينديون. سياسي پارٽيون هڪ ٻئي تي الزام لڳائينديون آهن ته هو فيوريٽ ٿي وئي آهي. شايد سڀني کي فيوريٽ بنجڻ جو شوق هوندو آهي جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچندو هن چيو ته منهنجي ڪنهن سان به ناراضگي نه آهي. مريم نواز منهنجي ننڍي ڀيڻ آهي ان سان اختلاف نه آهي نه ئي وري ناراضگي. مان هڪ سياسي سوچ جي ڳالهه ڪري رهيو آهيان جنهن سوچ تي منهنجي پارٽي عمل ڪري رهي آهي. مان ان سوچ سان اتفاق نٿو ڪريان شاهد خاقان عباسي چيو ته منهنجي پارٽي جي اقتدار جي سوچ آهي. اسان کي اقتدار کي ڌار رکڻو پوندو. اڄ سياست اقتدار کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ٿي رهي آهي. چونڊن ۾ حصو ان لاءِ ورتو ويندو آهي، اڄ ٿوري سوچ آهي ان کي بدلڻو پوندو. اقتدار ۽ صرف اقتدار واري سياست هاڻ نه هلندي.