مريم نواز جلسي ۾ نواز شريف لاءِ روئي ڏنو

پاڪستان مسلم ليگ نون جي چيف آرگنائزر مريم نواز چئن سالن کانپوءِ پنهنجي والد نواز شريف جي ڏيهه واپسي جي موقعي تي لڙڪ لاڙي ويٺي مينار پاڪستان تي جلسي کي خطاب ڪندي مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته نواز شريف جو استقبال ڪندڙن جي ٿورائتي آهيان، عزت ۽ ذلت ڏيڻ واري الله جي ذات آهي، نواز شريف کي الله عزت ڏني آهي مريم نواز چيو ته نوازشريف پنهنجي مٽي ۽ پنهنجي قوم ڏانهن واپس آيو، جن چيو ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي وئي آهي، اهي گهرن جي اسڪرين تي نواز شريف جي شان کي ضرور ڏسندا، نواز شريف کي ڪيرائڻ وارا ڪيترا آيا ۽ ڪيترا ويا، الله جنهن کي عزت ڏئي، ان کي ڪير به ڪجهه نٿو ڪري سگهي مسلم ليگ (ن) جي سينئر نائب صدر ۽ چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نواز شريف پنهنجي ڌرتي ۽ عوام ڏانهن واپس اچي ويو آهي، مينار پاڪستان گرائونڊ ليگي شينهن لاءِ ننڍو ٿي ويو آهي، جيڪي چوندا هئا ته نواز شريف جي سياست ختم ٿي وئي آهي، اهي نواز شريف جو شان ڏسن.