لاهور: مريم نواز طرفان عدالت سڳوري جي ججز خلاف تنقيد تي اڳوڻي اٽارني جنرل منصور خان چيف جسٽس کي خط لکي ڇڏيو آهي. خط ۾ هن چيف جسٽس کان عدالت جي ساک ۽ ججز جي وقار جي تحفظ لاءِ فوري طور تي ڪارروائي جي استدعا ڪئي آهي.انور منصور چيو ته 23 فيبروري تي مريم نواز طرفان سرگودها ۾ جلسي کي خطاب دوران ڳالهين بابت چيف جسٽس کي آگاهه ڪرڻ چاهيان ٿو. مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز سرگودها جلسي ۾ سپريم ڪورٽ ۽ ججز خلاف ڳالهيون ڪيون ۽ عوام کي بغاوت لاءِ ڀڙڪايو.اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته مريم نواز بنا ڪنهن ثبوت جي ججز ۽ سپريم ڪورٽ مٿان الزام لڳايا، مريم نواز چونڊن جي معاملي تي سوموٽو ڪيس بئنچ جي ميمبرن کي به تنقيد جو نشانو بنايو.انور منصور موجب ججز تي تنقيد ڪندڙن جو مقصد انصاف جي عمل تي اثر انداز ٿيڻ ۽ رنڊڪ وجهڻ هو. مريم نواز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي عمل ۾ آندي وڃي.اڳوڻي اٽارني جنرل انور منصور چيو ته جسٽس اعجازالاحسن ۽ جسٽس مظاهر نقوي نوازشريف خلاف پانامه ڪيس ۾ بئنچ جو حصو رهيا. بنا ڪنهن پڪن ثبوتن جي عدليه خلاف اهڙي قسم جي زبان استعمال نه ڪرڻ گهرجي.انور منصور طرفان لکيل خط ۾ چيو ويو آهي ته مون کي اميد آهي ته عدالت حقيقتن کي ڏسندي آئين جي بالادستي ۽ وقار جي تحفظ کي آڏو رکندي ڪارروائي ڪندي.