لاهور: مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ مريم نواز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ هڪ ٻئي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.مسلم ليگ(ن) جي چيف آرگنائيزر مريم نواز خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدليه جي خلاف مهم هلائي پئي وڃي ان لاءِ عدليه کي اسڪينڊلائيز ڪندڙن خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي.درخواست ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز پارلياماني جمهوريت جون ڳالهيون ڪندي آهي، کيس خيال رکڻ گهرجي، هن لفظن جي چونڊ صحيح ناهي ڪئي.