پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز پنجاب ڊويلپمينٽ پروگرام جي تحت 189 شهرن جي تعمير، ترقي جي منظوري ڏئي ڇڏي. مريم نواز جي صدارت هيٺ پنجاب ڊوالپمينٽ پروگرام بابت خصوصي اجلاس منعقد ٿيو اجلاس ۾ سي اينڊ ڊبليو جي ڪارڪردگي جو جائزو، روڊز ۽ بلڊنگز پراجيڪٽ تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وئي. پنجاب جي وزيراعليٰ چيو ته 30 سالن ۾ نه بنجندڙ روڊ هاڻ بنجڻ شروع ٿي ويا آهن. هن چيو ته عوام ۽ عوامي نمائندا پنجاب ۾ روڊز جي تعمير، مرمت تي خوش آهن، ڏهاڪن کان پوءِ روڊز جي تعمير، مرمت تي ڌيان ڏنو ويو. صرف روڊ نه پيا بڻجن پر تعميرات جو معيار به چيڪ ڪري رهيا آهيون. صوبائي وزير صهيب بهرت، سيڪريٽري سي اينڊ ڊبليو جي ٽيم ڪمال ڪري ڏيکاريو آهي. 12 هزار ڪلو ميٽر ڊگهي 1214 روڊز جي تعمير مڪمل ٿي چڪي آهي. اجلاس ۾ پنجاب ۾ روايتي ٺيڪيداري نظام جي بجاءِ ڊجيٽل ٽال سسٽم متعارف ڪرائڻ تي اتفاق ٿيو ملتان وهاڙي ايڊيشنل گيرج وي ۽ فيصل آباد چنيوٽ روڊ جي پراجيڪٽ تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. لاهور، ليه، بهکر، ايم ٿري، ايم فور ايڪسپريس وي پراجيڪٽ جي منظوري ڏني وئي. مريم نواز سمورا جاري روڊ پراجيڪٽ هلندڙ سال مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.