بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ ميلاد النبي جي جلوس کان اڳ مسجد ويجهو ڌماڪي جي نتيجي ۾ 25 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ضلعي انتظاميه جو چوڻ آهي ته ڌماڪو سخت نوعيت جو هو جنهن ۾ ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي ضلعي انتظاميه موجب مستونگ ۾ ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ ڊي ايس پي مستونگ به شامل آهي اسسٽنٽ ڪمشنر مستونگ جو چوڻ آهي ته ڌماڪو مديني مسجد ويجهو ٿيو، جنهن ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن نگران صوبائي اطلاعات واري وزير جان اچڪزئي چيو آهي ته مستونگ ۽ ڪوئيٽه جي اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي. ڌماڪي واري هنڌ پوليس، پي ڊي ايم اي ۽ ٻين ايمرجنسي ادارن جون ٽيمون موجود آهن جان اچڪزئي چيو آهي ته زخمين کي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، زخمين کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون وينديون جان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته پرڏيهي آشيرواد سان دشمن بلوچستان ۾ مذهبي رواداري ۽ امن کي تباهه ڪرڻ چاهي ٿو نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ريسڪيو آپريشن ۾ سمورا وسيلا استعمال ڪيا ويندا سرفراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگرد ڪنهن رعايت جا مستحق ناهن، دهشتگردن سان منهن ڏيڻ لاءِ زيرو ٽالرنس جي پاليسي آهي پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي ڌماڪي ۾ ڊي ايس پي سميت قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مارجي ويلن جي وارثن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو آهي سنڌ جي نگران وڏي وزير مقبول باقر مستونگ ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته معصوم ماڻهن جو رت وهائڻ وارا انسانيت جا دشمن آهن.