سموري ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل ٽي ڏينهن واڌ کانپوءِ اڄ معمولي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 14 هزار 300 رپين جي ٿي ويو آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 428 رپيا گهٽجڻ بعد 83 هزار 728 رپيا آهي هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 2 ڊالر گهٽتائي کانپوءِ 1966 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.