مسلسل گهٽتائي کانپوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ وڏي واڌ

ملڪ ۾ مسلسل ٻه ڏينهن گهٽتائي کانپوءِ اڄ سون جو اگهه چڙهي ويو آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 5 هزار 700 رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 18 هزار 300 رپين جي ٿي ويو آهي اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 4 هزار 887 رپيا واڌ بعد 87 هزار 157 رپيا جو ٿي ويو آهي عالمي بازار ۾ في اونس سون جو ملهه 54 ڊالر وڌو کانپوءِ 2032 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.