سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ۽ پي ايس 67 بلڙي شاهه ڪريم جي اميدوار ڊاڪٽر قادر مگسي سان مسلم ليگ نواز سنڌ جي صوبائي صدر بشير ميمڻ ملاقات ڪري اليڪشن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ آهي ته گذريل پندرنهن سالن کان سنڌ مٿان مسلسل حڪمراني ڪندڙ پ پ پ سنڌ کي سنوارڻ جي بدران تباھ ۽ برباد ڪيو آهي، هن ڀيري عوام اهڙن اميدوارن کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪري جيڪي سنڌ جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪردار ادا ڪن نواز ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ حيدرآباد ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 67 جي اميدوار ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات عام چونڊن جي حوالي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ملاقات دوران ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي جو چوڻ هو ته سنڌ تيل ۽ گئس سميت هر معدنيات سان مالا مال آهي پر سنڌ جا ماڻهو هڪ ويلو کائڻ جي لاءِ پريشان آهن جڏهن ته ڌارين جي آبادڪاري ۽ سنڌ جي زمينن تي والار پڻ جاري آهي جنهن ۾ پ پ پ مڪمل سهولتڪار بڻيل آهي ان موقعي تي ن ليگ سنڌ جي صدر بشير ميمڻ جو چوڻ هو ته مسلم ليگ نواز ماضي جي تجربن مان ڪافي سکيو آهي نواز شريف جلد سنڌ جو دورو ڪندو ۽ سنڌ جي بنيادي مسئلن تي مسلم ليگ حڪومت ۾ اچي ترجيح بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ملاقات دوران ايس ٽي پي جو وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، ڊاڪٽر سومار مڱريو، ڄام شوڪت ابڙو، جي ڊي اي اڳواڻ جلا شاهه ڄاموٽ، شاهه زمان شاهه، نصير ميمڻ ۽ ٻيا موجود هئا.