مسلم ليگ (ن) کنڊ جي بحران جو ذميوار پيپلزپارٽي کي قرار ڏئي ڇڏيو

ملڪ ۾ کنڊ جي بحران ۽ وڌندڙ اگهن تي پ پ ۽ ن ليگ آمهون سامهون ٿي ويون اڳوڻي منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته کنڊ برآمد ڪرڻ جو فيصلو واپار واري وزير نويد قمر ڪيو هو، بحران بابت ان کان ئي پڇا ڪئي وڃي هن چيو ته ن ليگ اتحادي حڪومت پي ڊي ايم جي هر فيصلي جو بار نٿي کڻي سگهي هوڏانهن اڳوڻي واپار واري وزير نويد قمر چيو ته کنڊ برآمد ڪرڻ جي ذميواري ڪنهن هڪ وزارت تي نٿي وجهي سگهجي، ڇو ته اهو فيصلو اقتصادي رابطا ڪميٽي ڪيو ۽ ڪابينه ان جي منظوري ڏني هئي هن چيو ته جيتري کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏني، ان جي ٽيڻ تي اسٽاڪ موجود هو ياد رهي ته ملڪ ۾ کنڊ جي بحران سبب قيمت 200 رپيا في ڪلو کان به وڌي ويو آهي، جڏهن ته حڪومت بحران جي خاتمي لاءِ کنڊ درآمد ڪرڻ جي اجازت به ڏني آهي