سنڌ هاءِ ڪورٽ مصطفيٰ عامر قتل ڪيس جي جوابدار ارمغان جو ريمانڊ نه ڏيندڙ دهشتگردي جي انت واري عدالت جي منتظم جج کان انتظامي اختيار واپس وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ظفر راجپوت جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. وقتي پراسيڪيوٽر جنرل موجب عدالت ريڪارڊ ٽيمپرنگ جي الزامن کان پوءِ جج کان اختيار واپس وٺڻ جي سفارش ڪئي آهي. عدالتي حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته جاچ آفيسر موجب 10 فيبروري تي ٻنپهرن جو 12 وڳي منتظم جج وٽ ڪسٽڊي پيش ڪئي ۽ جج جاچ آفيسر کي 3 ڪلاڪن تائين انتظار ڪرايو. منتظم جج جاچ آفيسر کي جوابدار جي ميڊيڪل معائني جا زباني حڪم ڏنا جڏهن ته منتظم جج وٽ جوابدار جي مختصر ريمانڊ جو مناسب طريقيڪار موجود هو. حڪم نامي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته منتظم جج جوابدار جي پوليس ريمانڊ سان گڏ ميڊيڪل معائني جو حڪم ڏئي سگهيو ٿي، ميڊيڪل رپورٽ ۾ تشدد جي شاهدين کان پوءِ جاچ جي خلاف ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي، مئجسٽريٽ ۽ منتظم جج بي ضابطگي جي صورت ۾ هاءِ ڪوٽ آڏو جوابده آهن. حڪم نامي موجب منتظم جج جا حڪم هٿ سان لکيا ويا، ٽائپ ٿيل هئا، منتظم جج جوابدار جي جسماني ريمانڊ جو حڪم ڏنو پر بعد ۾ وائٽو لڳائي ريمانڊ کي جوڊيشل ڪسٽڊي ڪيو ويو. وقتي پراسيڪيوٽر جنرل ٻڌايو ته ريمانڊ وقت جوابدار جو پيءُ منتظم جج جي چيمبر ۾ رهيو. حڪم نامي ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته ڪنهن به ڌر جوائنٽ انٽروگيشن ٽيم ٺاهڻ جي درخواست نه ڪئي هئي، منتظم جج وٽ اهڙا حڪم جاري ڪرڻ جو اختيار نه آهي. منتظم جج جو پوليس ريمانڊ جي جڳهه جوڊيشل ريمانڊ جو فيصلو غيرقانوني آهي ۽ جي آءِ ٽي ٺاهڻ جو منتظم جج جو فيصلو اختيار جي دائري کان مٿانهون آهي. ڪيس کي آڏو رکندي مناسب هجي ته جج جا اختيار ڪنهن ٻئي عدالت کي ڏنا وڃن.