معذور نينگر کان ويل چيئر واپس وٺڻ جو انڪشاف، چيئرمين تي سخت تنقيد

پريالوء واسي معذور نينگر جي حوالي سان ڪجهه ڏينهن اڳ سوشل ميڊيا تي خبرون هليون هيون ته پريالوء چيئرمين سيد جمن شاهه معذور نينگر کي ويل چيئر فراهم ڪندو. چيئرمين طرفان ويل چيئر فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي فوٽو سيشن پڻ ڪرايو ويو، جيڪو سوشل ميڊيا تي وڏي پيماني تي شيئر ڪيو ويو. تازو ئي رپورٽون سامهون آيون آهن ته ڪجهه وقت کانپوءِ اها ويل چيئر واپس ورتي وئي، جنهن تي عوام ۾ شديد غم و غصو پيدا ٿي ويو آهي. مقامي ماڻهن ۽ سوشل ميڊيا صارفين پاران ان عمل تي تنقيد ڪندي چيو ويو آهي ته معذورن جي مدد کي صرف تشهير جو ذريعو بڻائڻ بدترين عمل آهي. مقامي سماجي ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته معذورن کي عزت ۽ حقيقي مدد ڏيڻ سڀني جو فرض آهي. انهن مطالبو ڪيو آهي ته چيئرمين کي فوري طور تي معذور نينگر جي ويل چيئر واپس ڪري واقعي مدد فراهم ڪرڻي پوندي.