معصوم ٻارڙي جي علاج جي حوالي سان مجبور پيءُ پوليس جي وردي پائڻ تي مجبور ٿي ويو عبدالله کي عباسي شهيد اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو آهي پر بعد ۾ کيس آزاد ڪيو ويو. پيءُ پنهنجي ڌيءَ کي اسپتال ۾ ايڊمٽ نه ڪرڻ جي ڊپ سبب پوليس جي وردي پاتي هئي. جعلي پوليس اهلڪار بنجندڙ عبدالله نالي شخص کي عباسي شهيد اسپتال مان پوليس گرفتار ڪري ورتو پنهنجي وڊيو بيان ۾ جوابدار ٻڌايو ته مان ناظم آباد ڪاٺياواڙي جو رهواسي آهيان، پيشي جي حساب سان مان پلمبر ۽ اليڪٽريشن جو ڪم ڪندو آهيان هن چيو ته ٻارڙي جي علاج لاءِ پوليس جي وردي پاتي هئي، اسپتال ۾ ڊاڪٽر ٻارڙي کي ايڊمٽ نه ڪري رهيا هئا ان لاءِ وردي پاتي. مون وٽ ٻارڙي جي علاج لاءِ وڌيڪ پئسا نه هئا جوابدار ٻڌايو ته 5 ڏينهن کان اسپتال ۾ وردي پائي ٻارڙي جو علاج ڪرائيندو رهيس. پوليس اختيارين ٻڌايو ته جاچ کان پوءِ شهري عبدالله کي وارننگ ڏئي ڇڏيو ويو آهي.