مفتي قوي گذريل ڏينهن ڀارتي اداڪاره راکهي ساونت سان شادي جي لاءِ مشروط راضپي جو اظهار ڪيو هو جنهن کان پوءِ راکهي ساونت به مثبت رد عمل ڏنو هو، هاڻ مفتي قوي راکهي ساونت سان شادي جي تاريخ به ٻڌائي ڇڏي آهي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي مفتي قوي دعويٰ ڪئي آهي ته منهنجي راکهي ساونت سان نڪاح ٿي رهيو آهي، عورت ميزبان جي پڇاڻي تي مفتي قوي ٻڌايو ته راکهي ساونت نڪاح جي لاءِ 14 فيبروري چيو آهي، مفتي قوي ميزبان کي به آڇ ڪئي ته هو سندس نڪاح ۾ شرڪت ڪري ۽ گواهه بڻجي. مفتي قوي سوالن جي جواب ۾ چيو ته شادي کان پوءِ راکهي ساونت جا ڪپڙا شريعت موجب ۽ فطرت وارا هوندا. مفتي قوي چيو ته ممڪن آهي ته منهنجو لباس به تبديل ٿي وڃي. انهي کان اڳ هڪ پوسٽ ماسٽ ۾ مفتي قوي راکهي سان شادي جي لاءِ مشروط راضپو ظاهر ڪندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي والده اجازت ڏيندي ته هو راکهي ساونت سان شادي جي لاءِ تيار آهي. مفتي قوي چيو ته منهنجي والده مون کي حڪم ڏنو آهي ته جيڪو به نڪاح ڪرڻو آهي مون کان پڇي پوءِ ڪرڻو ۽ ڪنهن کي به پنهنجي نڪاح جو تعداد ناهي ٻڌائڻو. جنهن کان پوءِ راکهي ساونت مفتي قوي جي شادي جي آڇ تي جواب ڏيندي چيو هو ته مان ته ڪڏهن کان ڪنهن مولانا سان شادي ڪرڻ لاءِ مري رهي آهيان، قوي صاحب اوهان جي نالي ۾ به قوي اچي ٿو، منهنجي لاءِ ڪويتا(شاعري) لکو.