پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچز جي سيريز جو آخري ميچ ويسٽ انڊيز ٽئين ڏينهن 120 رنسن تان کٽي ورتو. ويسٽ انڊيز پاڪستان کي کٽڻ جي لاءِ 245 رنسن جو حدف ڏنو هو پر جواب ۾ پاڪستان جي پوري ٽيم 133 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، 1990 کان پوءِ ويسٽ انڊيز پاڪستان ۾ پهريون ٽيسٽ کٽيو آهي. راند جي ٽئين جي شروعات تي ئي سعود شڪيل 13 ۽ نائچ واچ مين ڪاشف علي هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته سلمان علي آغا 15 رنسن تي پويلين موٽيو، انهي کان علاوه ساجد خان 7، نعمان علي 6 ۽ محمد رضوان 25 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. ملتان ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن ۽ ٻئي اننگز ۾ پاڪستاني ٽيم پريشانين جو شڪار ٿي وئي، ويسٽ انڊيز جي 254 رنسن جي ڏنل حدف جي پٺيان 76 رنسن تي 4 رائديگر آئوٽ ٿي ويا هئا، ڪپتان شان مسعود ۽ محمد هريره 2،2 رنسون ٺاهي سگهيا ڪامران غلام 19 ۽ بابر اعظم 31 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا. ٻئي ٽيسٽ ميچ ۾ ويسٽ انڊيز جي ٽيم پهرين اننگز ۾ 163 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي، پاڪستان جي ٽيم 163 رنسن جي جواب ۾ پنهنجي پهرين اننگز ۾ 154 رنسون ٺاهي سگهي هئي، ياد رهي ته ٻنهي ٽيمن جي وچ ۾ 2 ٽيسٽ ميچز جي سيريز جو پهريون ميچ پاڪستان کٽيو هو.