ملتان کي شڪست: لاهور ٻيون ڀيرو پي ايس ايل چيمپين بڻجي ويو

راولپنڊي: ملتان کي شڪست ڏئي لاهور قلندر لاڳيتو ٻيون ڀيرو پاڪستان سپر ليگ جو چيمپين بڻجي ويو، لاهور پهرين ٽيم آهي جنهن پي ايس ايل ۾ اعزاز جو دفاع ڪيو آهي.پاڪستان سپر ليگ(پي ايس ايل) 8 جي ٽرافي لاءِ حتمي مقابلو لاهور قلندرز ۽ ملتان سلطان وچ ۾ لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٿيو.دفاعي چيمپين لاهور قلندر جي ڪپتان شاهد آفريدي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، لاهور پهريان کيڏندي مقرر اوورز ۾ 200 رنسون ٺاهيون ۽ ملتان کي کٽڻ جي لاءِ 201 رنسن جو حدف ڏنو.لاهور طرفان عبدالله شفيق 65، فخرزمان 39 ۽ شاهين آفريدي تيز رفتار 15 بالن تي 44 رنسون ٺاهيون. شاهين آفريدي 5 ڇڪا ۽ 2 چوڪا لڳايا. ملتان طرفان اسامه مير 3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. جواب ۾ ملتان سلطان ڄمي مقابلو ڪيو پر مقرر اوورز ۾ 199 رنسون ٺاهي سگهي ۽ هڪ رنس تان کيس شڪست ملي.ملتان طرفان رلي روسو 52، رضوان 34 ۽ خوشدل شاهه 25 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. لاهور طرفان ڪپتان شاهين آفريدي آل رائونڊر ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو. پهريان بيٽنگ ۾ هن 44 رنسون ٺاهيون ۽ پوءِ حدف جي دفاع ۾ 4 رانديگرن کي به آئوٽ ڪيو. راشد خان 2 جڏهن ته ڊيوڊ ويسا هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي.ميچ کٽڻ کان پوءِ ڳالهيون ڪندي شاهين آفريدي چيو ته مون سوچيو هو ته مشڪل وقت دوران ٽيم جي ڪم ايندس، والدين جي دعائن سان سوڀ حاصل ٿي آهي.ياد رهي ته لاهور قلندرز ٻيون ڀيرو پي ايس ايل ٽائٽل کٽيندڙ ٻئي ٽيم بڻجي وئي آهي. ان کان اڳ اسلام آباد يونائيٽيڊ 2 ڀيرا پي ايس ايل چيمپين بڻجي چڪي آهي. ملتان سلطان، ڪراچي ڪنگز، ڪوئٽه گليڊي ايٽرز ۽ پشاور زلمي هڪ هڪ ڀيرو ٽرافي کٽي چڪا آهن.ٽورنامينٽ ۾ شاهين شاهه آفريدي کي مين آف دي ميچ جو ايوارڊ ڏنو ويو، ملتان جي عباس آفريدي کي بيسٽ بالر آف دي ٽورنامينٽ جو ايوارڊ مليو، ملتان جي ڪپتان محمد رضوان 550 رنسون ٺاهي ٽورنامينٽ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو. لاهور جي فخرزمان کي ٽورنامينٽ ۾ سڀني کان وڌيڪ ڇڪا لڳائيندڙ رانديگر قرار ڏنو ويو.