ملتان: 3 ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن سميت 9 ڄڻا فوت

ملتان جي علائقي حرم گيٽ ڀرسان 3 ماڙ رهائشي عمارت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جي 7 ڄڻن سميت 9 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 2 کي سخت زخمي حالت ۾ ملبي هيٺيان ڪڍيو ويو آهي دٻجي فوت ٿي ويلن ۾ گهر جو سربراهه فهيم عباس، 40 ورهين جي سندس گهر واري صنوبر، 15 ورهين جو پٽ دانش، 14 ورهين جو وسيم، 13 ورهين جو ڪومل ۽ بختاور، 12 ورهين جو امير علي شامل آهن ريسڪيو ذريعن ٻڌايو آهي ته 3 ماڙ عمارت ڪچي گهر تي ڪري پئي جنهن جي ملبي هيٺيان هڪ ئي گهر جا 9 ڄڻا دٻجي فوت ٿي ويا. ريسڪيو اهلڪارن حادثي واري جڳهه تان اڃان تائين 8 ڄڻن کي ريسڪيو ڪري ايمبولينس ذريعي نشتر اسپتال جي لاءِ روانو ڪري ڇڏيو آهي ڊپٽي ڪمشنر موجب ملتان جي اندرون شهر جي علائقي جواديان محلي ۾ رهائشي عمارت صبح جو 4 وڳي زبون حالي سبب ڪري پئي. ڊپٽي ڪمشنر ٻڌايو ته عمارت جو ڪجهه ملبو پاسي ۾ ڪچن گهرن تي ڪريو جنهن جي نتيجي ۾ فوت ٿي ويل ۽ زخمين کي نشتر اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ريسڪيو آفيسر جو چوڻ آهي ته حادثو ڪچن ۾ گيس ليڪيج سبب پيش آيو. سحري وقت عورت باهه ٻاري ته ڌماڪو ٿيو ڌماڪي سبب 3 ماڙ عمارت جو هڪ حصو پاسي ۾ ڪچي گهر تي ڪري پيو ان گهر ۾ موجود 5 ڀيڻ ڀاءُ ۽ ان جا والدين فوت ٿي ويا. ريسڪيو موجب حادثي ۾ گڏيل طور تي 9 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن