آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر پاڪستان ۾ ملٽري ڪورٽ مان 25 شهرين کي سزا ملڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ميٿيو ملر پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستاني شهرين کي 9 مئي احتجاج ۾ ملوث هجڻ تي فوجي عدالت سزا ٻڌائي، فوجي عدالتن ۾ عدالتي آزادي، شفافيت ۽ انصاف جي ضمانتن جي کوٽ آهي. ميٿو ملر وڌيڪ چيو ته پاڪستاني اختياريون آئين ۾ لکيل منصفاڻي ڪيس ۽ انصاف جي حق جو احترام ڪن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن برطانيه به فوجي عدالتن جي فيصلي تي رد عمل ڏيندي چيو هو ته فوجي عدالتن مان سويلينز کي سزائن ۾ شفافيت، آزادانه جانچ جي کوٽ ٿئي ٿي جنهن سبب منصفاڻي ٻڌڻي جي حق کي نقصان پهچي ٿو.