ملک بھر میں اڄ سرڪارِ دو جهان حضرت محمد مصطفىٰ ﷺ جو يومِ ولادت، جشنِ ميلاد النبی ﷺ مذہبی عقيدت ۽ احترام سان منایو پيو وڃي۔ ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ڪئي وئي، جڏهن ته مسجدن، گهرن، سرڪاري عمارتن، گهٽين ۽ بازارن کي برقي قمقمن ۽ سائي جهنڊن سان سينگاريو ويو آهي۔
ڪراچي ۾ گهٽين، محلن، چوراهن ۽ اهم شاهراهن کي خوبصورتي سان سينگاريو ويو آهي۔ مختلف هنڌن تي موءِ مبارڪ جي زيارت ۽ مسجد نبوي ﷺ ۽ خانہ ڪعبه جا ماڊل رکيا ويا آهن، جڏهن ته عاشقانِ رسول ﷺ پاران محفلِ ميلاد، نعت خواني ۽ ريليون ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي۔بيب مسجد تي عصر جي وقت پڄاڻي تي پهچندو۔
اسلام آباد ۾ پڻ جشنِ آمدِ رسول ﷺ جي سلسلي ۾ شهر کي خوبصورتي سان سينگاريو ويو آهي۔ مختلف مسجدن ۾ خاص عبادتن، نعت خواني ۽ محفلن جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جڏهن ته درود ۽ سلام سان گڏ جشنِ آمدِ رسول ﷺ جا نعرا گونجي رهيا آهن۔
لاهور ۾ به جشنِ ميلاد النبی ﷺ جي موقعي تي مسجدن، گهرن، روڊن ۽ سرڪاري عمارتن کي سينگاريو ويو آهي۔ مختلف هنڌن تي تقريبون ۽ محفلون منعقد ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ملڪ جي ترقي، خوشحالي ۽ سلامتي لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون پيون وڃن۔ لاهور جو مرڪزي جلوس ريلوي اسٽيشن چوڪ کان نڪرندو۔
پشاور ۾ به نبي ڪريم ﷺ سان محبت ۽ عقيدت جي اظهار لاءِ نعت خواني ۽ محفلِ ميلاد جو اهتمام ڪيو پيو وڃي، جتي عاشقانِ رسول ﷺ بارگاهه رسالت ﷺ ۾ گُلِ عقيدت پيش ڪري رهيا آهن۔ملڪ جي مختلف شهرن ۾ جشنِ ميلاد النبی ﷺ جي موقعي تي امن، سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ خاص دعائون پڻ گهريون پيون وڃن