ملڪي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ 55 ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ جي واڌ

اسلام آباد: چيني ڪمرشل قرض ملڻ سان اسٽيٽ بئنڪ جا ناڻي مٽاسٽا ذخيرا ساڍا 55 ڪروڙ ڊالر وڌي ويا.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان موجب 24 فيبروري تائين ملڪي ناڻي مٽاسٽا جا مجموعي ذيرا 9 ارب 26 ڪروڙ ڊالر رهيا.اسٽيٽ بئنڪ ٻڌايو آهي ته 24 فيبروري تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ پاڪستان کي چين کان 70 ڪروڙ ڊالر وصول ٿيا، جن مان پرڏيهي قرضن جي ادائيگي کانپوءِ مرڪزي بئنڪ جي ناڻي مٽاسٽا ذخيرن ۾ 55 ڪروڙ 60 لک ڊالرن جي واڌ ٿي.بيان موجب مرڪزي بئنچ جا ذخيرا 3 ارب 81 ڪروڙ ڊالر رهيا، جڏهن ته ڪمرشل بئنڪن جا ذخيرا هڪ ڪروڙ 42 لک ڊالر گهٽجي 5 ارب 45 ڪروڙ ڊالر رهيا.