اڳوڻي وفاقي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد اسٽيبلشمينٽ کان عام معافي وٺڻ جي اپيل ڪري ڇڏي آهي. اڊيالا جيل جي ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مون بطور وزير جي طور تي 5 سال معافي ڏني. مون تي 686 ڪيس آهن، جيڪڏهن هڪ هڪ هفتو جرح ٿئي ته 10 سال گذري ويندا پر ڪيس ختم نه ٿيندا بهتر اهو آهي ته اسان جي 2-2 سالن جي جيڪا سزا بڻجي ٿي اها ڏئي ڇڏيو ها ته اسان 2 سال جي سزا ڪاٽي وٺون ها پي ٽي آءِ ڪارڪن ڪارڪن صنم جاويد جي آزادي کان پوءِ فوري گرفتاري تي ڳالهائيندي هن چيو ته هنن صنم جاويد کي وڪيل جي چيمبر مان کنيو آهي، پوليس پاڻ سان گڏ ڪجهه ٻين ماڻهن جي وقار جو به ستياناس ڪري ڇڏيو آهي شيخ رشيد چيو ته حالتون خراب ۽ معيشت ڳڻتي جوڳي آهي، حڪومت بجلي جون قيمتون وڌائي رهي آهي، اوهان هن ملڪ ۾ ڦر ڦران چاهيو ٿا، اوهان حالتون ايتريون خراب ڪري ڇڏيندو جو سنڀلجي به نه سگهبيون. اڳوڻي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان ڪينيا طرف وڃي رهيو آهي، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ ڪهڙيون حالتون آهن؟ ملڪ ۾ ماڻهو هن حڪومت مان بيزار آهن خدا جي لاءِ هي هاڻ پنهنجي عزت ۽ ملڪ کي بچائين، اسان کي ڀلي ڪرينن تي لٽڪائي سزا ڏيو پر ملڪ کي بڇايو. شيخ رشيد ٻڌايو ته ملڪ جي معيشت هنن کان نه پئي سنڀلجي، نوازشريف نئون بيان آڻيندو ۽ عوام خوار ٿيڻ جي لاءِ رهجي ويندو، گرمي سبب ماڻهو مري رهيا آهن پر هنن کي ڪنهن جو به احساس نه آهي. 77 لک ماڻهن ملڪ ڇڏڻ جي لاءِ پاسپورٽ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن. عمران جي ٻيهر گرفتاري بابت ڳالهائيندي هن چيو ته هي ماڻهو اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ڪيئن ڇڏيندا؟ روز چون ٿا هو اچي رهيو آهي پر هو نه ايندو، هتي هڪڙي قبر ۽ مردا 3 آهن، نواز ۽ شهباز جو به هاڻ فيصلو ٿيندو. هڪڙو اوڀر ۽ ٻيو مغرب طرف ڀڄندو. هنن کي صرف پنهنجا ڪيس ختم ڪرائڻا آهن. مخصوص سيٽن جي فيصلي جي تعريف ڪندي هن چيو ته عدليه کي سلام آهي مخصوص سيٽن تي انهن تاريخي فيصلو ڪيو آهي اميد آهي ته عدليه ملڪ کي بچائڻ ۾ تاريخي ڪردار ادا ڪندي.