پاڪستان : جي ڳڻپ واري کاتي سرڪاري طور تي ڊيٽا جو اعلان ڪندي ٻڌايو آهي ته 2023ع جي آدمشماري موجب پاڪستان جي آبادي 24 ڪروڙ 14 لک آهي ڳڻپ واري کاتي موجب پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ 76 لک آهي، سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 90 هزار جي ويجهو آهي. جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي آبادي 4 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي هوڏانهن بلوچستان جي آبادي 1 ڪروڙ 48 لک 90 هزار کان وڌيڪ آهي ڳڻپ واري کاتي موجب اسلام آباد جي آبادي 23 لک 60 هزار کان وڌيڪ آهي.