اڳوڻي گهرو وزير ۽ عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته موجوده صورتحال ۾ ڪو بيوقوف ئي سمجهندو هوندو ته پي ٽي آءِ باني عمران خان کي آزاد ڪيو ويندو. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته اڄ ڪوبه فرد جرم لاڳو نه ڪيو ويو. ساڍا 600 ماڻهن کي اس ۾ ماريو ويو هن چيو ته پراسڪيوٽر سان اڄ منهنجي منهن ماري ٿي. پراسيڪيوٽر چيو ته مان هتي پيش نٿو ٿي سگهان، پراسيڪيوٽر جج جي خلاف عدم اعتماد ڪيو هو جيڪو رد ڪيو ويو شيخ رشيد چيو ته ڪينيا جهڙي صورتحال پاڪستان ۾ به ٿي سگهي ٿي. 30 آگسٽ کان اڳ حساب ڪتاب ٿي ويندو. هن چيو ته شهباز شريف چيو ته هي آءِ ايم ايف جو بجيٽ آهي، اهو بجيٽ آءِ ايم ايف ٺاهيو آهي، قوم هاڻ ڪنهن اڳواڻ جو انتظار نه ڪندي، هطرف بک ئي بک آهي هاڻ هي غريبن جو جهيڙو آهي، هر طرف غربت پکڙيل آهي. عمران خان کي آزاد ڪرڻ جي سوال تي شيخ رشيد چيو ته ڪو بيوقوف ئي سمجهندو هوندو ته پي ٽي آءِ باني کي آزاد ڪيو ويندو. موجوده صورتحال ۾ پي ٽي آءِ باني کي آزاد نه ڪيو ويندو. ياد رهي ته ان کان اڳ به شيخ رشيد هڪ بيان ۾ چيو هو ته هن وقت حالتون اهڙيون نه آهن جو عمران خان کي آزاد ڪيو وڃي پر بي گناهن کي جيلن مان نڪرڻ تائين عزت جي خواهشمندن کي عزت نه ملندي. شيخ رشيد چيو ته ڪالهه مان جسٽس طارق جهانگيري جي عدالت مان آزاد ٿيو آهيان. هڪ قبر آهي مرده 3 آهن سپريم ڪورٽ مان وڏو رليف ملي سگهي ٿو.