پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ جي سياسي استحڪام لاءِ اپوزيشن ۾ ويهڻ لاءِ به تيار آهيون سيالڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خواجه آصف چيو ته پيپلز پارٽي سان ملي وفاق ۾ حڪومت ٺاهڻ تي غور جاري آهي. سڀاڻي شام جو وفاق جي حڪومت لاءِ اڳڀرائي ٿي آهي. پنجاب ۾ مسلم ليگ سادي اڪثريت سان حڪومت ٺاهڻ جي پوزيشن ۾ آهي هن چيو ته سياسي اڳواڻ ماضي جي بيانن کان انڪار ڪري رهيا آهن. اقتدارجي لاءِ جيڪي فيصلا ڪيا پيا وڃن ان سان عوام مايوس ٿيندي. پيپلز پارٽي سان اسان جي ورڪنگ ڀائيواري رهي آهي. سياستدانن کي ذات کان هٽي عوام جي وسيع تر مفادن لاءِ فيصلو ڪرڻو پوندو هن چيو ته مولانا فضل الرحمان سان وڇوٽيون پيدا نه ٿيون آهن. مولانا خيبرپختونخواهه ۾ پي ٽي آءِ سان تعاون جو سلسلو شروع ڪيو آهي. جن تي ڌانڌلي جو الزام آهي. ان سان گڏ اتحاد ۽ احتجاج منهنجي سمجهه کان مٿانهون آهي. سياسي استحڪام اچڻ تائين معاشي استحڪام جو خواب پورو نه ٿيندو واجه آصف چيو ته چونڊ عمل ۾ ڪمشنر جو ڪوبه ڪردار نه هوندو آهي. ڪمشنر صاحب جيڪا ڳالهه ڪئي ان جي حقيقت شام تائين سڀني جي سامهون هئي. شروع وارن ٻن چئن ڪلاڪن کان پوءِ ئي انهن جا مقصد سامهون اچي ويا هئا هن وڌيڪ چيو ته اليڪشن ڪميشن هن ڪيس جو نوٽيس وٺندي ڪميٽي ٺاهي آهي، 3 ڏينهن ۾ رپورٽ اچي ويندي، ان تي ڳالهائڻ غير مناسب هوندو. اليڪشن پروسيس جو سمورو ڪنٽرول ڊسٽرڪٽ ريٽرننگ آفيسر ۽ ريٽرننگ آفيسر جي حوالي هوندو آهي ڪمشنر جو اڻ سراسري طور تي تعلق ٿي سگهي ٿو پر سڌو سنئون انهي جو اليڪشن جي عمل سان ڪوبه تعلق نه آهي. ليگي اڳواڻ وڌيڪ چيو ته راولپنڊي جي ڪمشنر جو بيڪ گرائونڊ به سامهون اچي چڪو آهي. لياقت چٺه کي 9 ڏينهن کان پوءِ ڇو ياد آيو ته چونڊن ۾ ڌانڌلي ٿي آهي.