سڄي ملڪ ۾ مهانگي بجلي خلاف احتجاجي مظاهرا جاري آهن. بالا ڪوٽ ۾ واپاري برادري بجلي جي بلز ۾ واڌ کي رد ڪري ڇڏيو. واپارين جي سڏ تي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. بجلي جي بلز ۾ واڌو ٽيڪسز ۽ مهانگائي خلاف ريلي به ڪڍي وئي. مانسهره ۾ به واپارين جي سڏ تي مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي. شهر سميت سڄي ضلعي ۾ سمورا ڪاروباري مرڪز بند رهيا. واپاري برادري جي وڏي انگ احتجاج جي لاءِ مرڪزي چوڪ کان واپڊا جي آفيس تائين ريلي ڪڍي ۽ آفيس جي ٻاهران ڌرڻو هنيو ڪامره ڪينٽ ۾ چهچهه جي علائقي ۾ بجلي جي بلن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين ظالماڻي ٽيڪس جي خاتمي تائين بل جمع نه ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. مظاهرين غريب تي ظلم بند ڪريو ۽ سول نافرماني جا نعرا لڳايا راولپنڊي ۾ سوين شهرين ٻڪرا پڙي آئيسو گرڊ اسٽيشن جو گهيراءُ ڪيو ۽ بجلي جي بلن کي باهيون ڏنيون. شهرين حڪومت جي خلاف نعريبازي ڪئي انهن چيو ته بلز ۾ ٽيڪس جي نالي تي اسان جو رت چوسيو پيو وڃي. مظاهرين چيو ته نه بل جمع ڪرائينداسين نه گهرن مان بجلي ڪٽڻ ڏينداسين احتجاج سبب روڊ بلاڪ ٿي ويو ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون چارسده ۾ اي اين پي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ حڪومت ۽ واپڊا خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي مقررين چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بجلي بائيڊل مان پيدا ٿي رهي آهي ان جي باوجود بجلز بلز ۾ فيول ايڊجسٽمنٽ وصول ڪئي پئي وڃي.