اسلام آباد: ملڪ جي مختلف شهرن ۾ کنڊ جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي. فيصل آباد ۾ هڪ ڪلو کنڊ 40 روپين جي واڌ کان پوءِ 130 کان 135 روپين جي ٿي وئي آهي.حيدرآباد ۾ کنڊ جي قيمت ۾ 20 روپين جي واڌ ٿي آهي. ڪراچي جي هول سيل مارڪٽ ۾ کنڊ 120 روپيه جڏهن ته ريٽيل ۾ 130 روپيه في ڪلو تائين پهچي چڪي آهي.هوڏانهن پشاور ۾ به هڪ هفتي ۾ هڪ ڪلو کنڊ 25 روپين جي واڌ کان پوءِ 131 روپين جي ٿي وئي آهي.ڪوئٽه ۾ به هڪ ڪلو کنڊ 125 روپيه ۽ ڏوراهين علائقن ۾ 130 روپيه ڪلو وڪرو ڪئي پئي وڃي.