سڄي ملڪ ۾ اڄ عيد الفطر مذهبي عقيدت ۽ احترام سان ملهائي پئي وڃي، پاڪستان جي ننڍن وڏن شهرن ۾ عيد جي نماز جا هزارين اجتماع ٿيا ۽ عيد نماز کانپوءِ امت مسلمه ۽ ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعائون گهريون ويون صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوج جي سربراهن طرفان قوم کي عيد الفطر جون واڌايون ڏنيون ويون صدر آصف زرداري نوابشاهه ۾ عيد نماز ادا ڪئي صدر آصف علي زرداري وزيراعظم کي ٽيلفون تي مبارڪباد ڏني صدر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته خوشي جي ان موقعي تي والاريل ڪشمير جي عوام کي نه وساريو وڃ هن فلسطيني عوام سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري غزه ۾ فوري امن ۽ امداد جي فراهمي کي يقيني بڻائ وزيراعظم شهباز شريف ماڊل ٽائون لاهور ۾ پٽن سميت نماز ادا ڪئي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عيد معاشي طور ڪمزور ڀائرن ۽ ڀينرن جي خوشين کي ٻيڻو ڪرڻ جو نالو آهي هن چيو ته اميرن کي گهرجي ته خوشين ۾ غريبن کي به شامل ڪن ۽ ملڪ لاءِ جانون قربان ڪندڙ پٽن کي خراج عقيدت پيش ڪن آءِ ايس پي آر موجب چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف، سروسز چيفس قوم کي عيد جون مبارڪون ڏنيون عيد جي پرمسرت موقعي تي هٿياربند فوج قوم جي نالي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته سپاهين لاءِ عيد جو اصل جوهر فرنٽ لائين تي قوم جي حفاظت ڪرڻ ۾ آهي، الله پاڪ وطن تي سلامتي ۽ خوشحالي آڻي آءِ ايس پي آر موجب پنهنجي پيغام ۾ پاڪ فوج جي سربراهن چيو ته ان پرمسرت موقعي تي اچو ته پنهنجي قومي هيروز جي غير متزلزل حوصلي کي ياد ڪريون، سندس خاندان جي قربانين جا هميشه شڪر گذار آهيون چئيرمين سئنيٽ يوسف رضا گيلاني ملتان ۾ عيد نماز ادا ڪئي.