ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ بلوچستان جو گورنر مقرر

اسلام آباد: صدر عارف علوي ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ کي بلوچستان جو گورنر مقرر ڪري ڇڏيو.صدر بلوچستان جي گورنر جي مقرري آئين جي آرٽيڪل 48 هڪ ۽ 101 تحت وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڪئي.ياد رهي ته وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي گورنر لاءِ بي اين پي کان نالا طلب ڪيا هئا، جنهن کانپوءِ بي اين پي طرفان ملڪ عبدالولي ڪاڪڙ جو نالو تجويز ڪيو ويو هو.